هڪ عالمي وبا، جيڪا ماحول لاءِ مسيحا بڻجي وئي
COVID-19 News Top News سنڍي نيوز

هڪ عالمي وبا، جيڪا ماحول لاءِ مسيحا بڻجي وئي

صنم جوڻيجو

جيڪڏهن اسان اک نه کولي ته پوءِ ملڪ جي هر ماڻهُوءَ جي اندر گدلو پاڻي ئي ڦيريُون پائڻ لڳندو جنهن جي ڪري اوطاقن ۽ ڊرائنگ رومن کان وڌيڪ اسپتالُون آباد نظر اينديُون.

اهو مُلڪ جنهن جا خوبصورت نظارا جڏهن تصويرن ۾ قيد ٿين ٿا ته اهي ماڻهن کي پاڻ ڏي ائين ڇڪين ٿا جيئن اڃايل پاڻي ڏسي ڊوڙ وجهندو آهي پر اها ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته انهن خوبصورت نظارن جو مسڪن پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي گدلاڻ آهي، اسان جي هوا گدلي کان گدلي ٿي رهي آهي، وڻن جي واڍي ماحول کي اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي جٿي ساهه کڻڻ به مشڪل بڻجندو پيو وڃي ۽ ماڻهُوءَ هاڻي آڪسيجن بدران ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کڻڻ لڳا آهن، چهرا ٻهڪڻ بدران گدلاڻ سبب اصل شڪل وڃائي رهيا آهن ۽ انهن حالتن ۾ جيڪڏهن اسان کي پنهنجي اندر ۽ ماحول کي صاف رکڻو آهي ته هاڻي ان مسئلي کان منهن ڦيرڻ بدران انهن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ بچيل ذخيرا به گدلاڻ جي ور چڙهڻ لڳا آهن، جنهن جي ڪري هاڻي گدلي هوا کانپوءِ هر ماڻهُو جي پيٽ ۾ گدلو پاڻي به پهچي ويندو هونئن به ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي گدلي پاڻي جي ور چڙهي وئي آهي پر جيڪڏهن اسان اک نه کولي ته پوءِ ملڪ جي هر ماڻهُوءَ جي اندر گدلو پاڻي ئي ڦيريُون پائڻ لڳندو جنهن جي ڪري اوطاقن ۽ ڊرائنگ رومن کان وڌيڪ اسپتالُون آباد نظر اينديُون، ۽ جيڪڏهن توهان اهو سمجهي رهيا آهيو ته ان ماحولياتي تبديلي ۾ انسان جو ڪو عمل دخل نه آهي ته اهو بلڪل غلط آهي ان سڀ جا ذميوار اسان پاڻ آهيون، گدلاڻ جو سڀ کان وڏو سبب انسان پاڻ آهي جيڪو پوءِ رڙيون به ڪري ٿو.

هڪ طرف جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪورونا وائرس دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ته ٻي طرف ان جا ماحول تي ان جا مثبت اثر پيا آهن. ڏٺو وڃي ته ڪورونا وائرس هڪ عالمي وبا جي طور تي سامهون آئي جيڪا 19 ڊسمبر 2019ع تي چين جي شهر ووهان کان شروع ٿي ۽ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ تيزي سان ڦهلجڻ شروع ٿي وئي، هن اچانڪ ايندڙ بيماري سان دنيا ۾ تيزي سان فوتگيون ٿيون، ۽ هر طرف افراتفري پکڙجي وئي، سڄي دنيا ۾ هن وائرس جي ڪري خوف ۽ حراس جي فضا ڇائنجي وئي، هڪ طرف ته ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو ۽ انساني زندگين کي به مفلوج ڪري ڇڏيو پر ٻي طرف ڪورونا وائرس ماحول جي لاءِ مسيحا بڻجي ويو، دُنيا ۾ زندگيءَ جو ڦيٿو جام ٿيڻ سان گهڻي گدلاڻ ختم ٿي وئي، سامونڊي ۽ جنگلي جيوت ۾ تيزي سان اضافو نظر آيو، ماحول کي آلوده ڪندڙ گئسن جي ٻارڻ ۾ گهٽتائي آئي جنهن جي ڪري اوزون جي متاثر تهه ٻيهر ٺهڻ شروع ٿي وئي آهي، ماڻهن جي سفر گهٽ ٿيڻ سان گاڏين جو استعمال به گهٽ ٿي ويو، گاڏين جي آمدرفت گهٽ ٿيڻ جي ڪري هوا ۾ آلوده گئسن جو مقدار به گهٽجي ويو. لاڪ ڊائون جي ڪري گرين هائوس گئسن جي خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي آئي.

سينيٽر فيصل جاويد جو خيال آهي ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جن ڪورونا کي شڪست ڏني آهي، ٻين ملڪن وانگر پاڪستان جي معيشت تي ڪورونا جي ڪري خراب اثر پيا آهن پر ان جي باوجود پاڪستان جي معيشت تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، ڪورونا جو ماحوليات تي ڪافي اثر پيو آهي، اسان انسانن ئي پنهنجي ماحول کي خراب ڪيو آهي، اسان پاڻ ماحولياتي گدلاڻ جا ذميدار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جو اهو ويزن آهي ته پاڪستان کي صاف ۽ سُٿري پاڪستان بڻائڻو آهي، انهي ڪري خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک وڻ پوکيا ويا آهن ۽ سڄي پاڪستان ۾ 10 ارب وڻ پوکيا پيا وڃن، اڄ اسان کي سوچڻو آهي ته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن اڄ اسان انسان سڌري وڃون ۽ ماحول جو خيال رکون ته ماحولياتي گدلاڻ کان بچي سگهون ٿا ۽ ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ماحوليات جي حوالي سان ڪم ڪرڻو پوندو، سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ هو ته ڪورونا جي ڪري ماحوليات تي مثبت اثر پيا آهن ڇاڪاڻ جو ان دوران ماڻهن جي چرپر، ٽريفڪ ۽ صنعتون بند هيون جنهن جي ڪري ماحوليات تي ان جا مثبت اثر آيا آهن.

جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي زرعي تعليم ۽ توسيع ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سنڌ جي ناليواري زرعي ۽ ماحولياتي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر جو ڪوويڊ کانپوءِ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان چوڻ آهي ته ڪوويڊ کان اڳ ۾ سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ ڪارگو ٽريڊ ۽ ٽرانسپورٽيشن جي چرپر تمام گهڻي هئي جڏهن ته ان کانسواءِ سمنڊ وسيلي پڻ ڪيتري ئي ٽرانسپورٽيشن جاري هئي. هن چيو ته سمنڊ وسيلي پڻ وڏن جهازن وسيلي ڪاروبار جاري هو جڏهن ته ڪوويڊ جي حوالي سان مقامي سطح تي جيڪا ٻهراڙي کان شهرن تائين ٽرانسپورٽ هلي پئي اها بند ٿي وئي جيتوڻيڪ ان سان روزگار تي اثر پيو پر ماحوليات جي لاءِ اها ڳالهه لاڀائتي ٿي. شهر بند ٿي ويا، هوٽلون بند ٿي ويون ۽ گند ڪچرو گهٽ ٿي ويو. پروفيسر ڪنڀر چيو ته ڪراچي جي ساحل تي لکين ٽن ويسٽ مٽيريل ويندو هو پر اهو آهي ته جڏهن شهري سرگرميون بند ٿي ويون ته سالڊ ۽ ليڪيوڊ مٽيريل جو مقدار گهٽ ٿي ويو. اهو به سمنڊ ۾ گهٽ ٿيو پر ان کانسواءِ سمنڊ جي جيڪا وڏي بايو ڊاورسٽي آهي اها به ڪوويڊ جي ڪري بحال ٿي آهي. ڪوويڊ – 19 جي ماحول تي پيل مثبت اثرن جي حوالي سان پروفيسر ڪنڀر چيو ته ڪورونا سان سمنڊ وسيلي جيڪا ٽريفڪ هڪ ملڪ کان ٻين ملڪن تائين هلندي ئي اها بند ٿي جنهن سان زمين ۽ پاڻي کي هڪ ساهيءَ ملي پئي ۽ ان ۾ بهتري آئي. جڏهن ته ان کانسواءِ جيڪا ايئر ڪارگو هلي ٿي ان ۾ نه رڳو ڪارگو پر پاڪستان کان ويندي عالمي سطح تي جيڪي اڏامون هلنديون هيون. انهن جي بند ٿيڻ سان اهڙا اهڙا پکيءَ ٻيهر نظر اچڻ لڳا جيڪي ڪيتري ئي وقت کان نظر نه پئي آيا. ان سان ماحوليات جي حوالي سان هڪ مستحڪم ماحول بڻجي ويو ۽ ڪلائيميٽ ۾ سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گول تحت ٻه ٽي مقصد حاصل ٿيا آهن. ڪوويڊ جتي موقعا پيدا ڪيا آهن. ڪوويڊ جنهن رهڻي ڪهڻي کي متاثر ڪيو آهي. جنهن روزگار کي متاثر ڪيو پر ڪوويڊ اچڻ سان مستحڪم ماحول پڻ پيدا ٿيو آهي. ڇهن مهينن تائين ملڪ ۾ ٽريفڪ نظام بند ٿيڻ سان هڪ سٺو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.

ان ماحولياتي گدلاڻ جو سڀ کان وڏو سبب صنعتن ۾ ٻارڻ جي طور تي استعمال ٿيندڙ هزارين ٽن جي حساب سان ڪوئلو، گاڏين ۾ اضافو ۽ ان ۾ ٻارڻ وارو تيل، بجلي ٺاهڻ لاءِ ڪوئلي ۽ تيل جو اجايو استعمال آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي پنهنجي سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ انهي سوچ سان اسان پنهنجي هن خوبصورت ديس جي ڌرتيءَ کي بچائي سگهون ٿا.

قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه عنايت الله خٽڪ جو ماحولياتي گدلاڻ جي حوالي سان چوڻ هو ته ڪورونا جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ تي سٺا اثر پيا آهن، پر ان سان گڏ هي ڪجهه نقصان پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ماڻهو ماسڪ جو استعمال ڪري ان کي صحيح طريقي سان تلف نه پيا ڪن، جڳهه جڳهه تي ماسڪ پکڙيل نظر اچن پيا، جنهن سان ڪورونا جي پکيڙ جا خطرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي ته اسان ماسڪ کي صحيح طريقي سان ڪچري واري ٽوڪري ۾ وجهون ۽ ڀرپاسي گهٽين، هوٽلن، هجوم وارين جاين تي ماسڪ اڇلائڻ بدران ان کي صحيح طريقي سان تلف ڪريون.

ڪورونا اچڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته انسانن جو حرڪتون به ڪنهن وائرس کان گهٽ نه آهن، جن زمين کي تباهه ڪري ڇڏيو هو ۽ الله تعاليٰ زمين کي بچائڻ لاءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي شڪل ۾ ڌرتيءَ جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ هڪ وسيلو موڪليو ته جيئن دُنيا جي ڪارونهوار کي ڪجهه وقت لاءِ جامد ڪري ماحول جي ساڳي خوبصورتيءَ ٻيهر بحال ڪجي ۽ ان سان اهو به واضح ٿي ويو آهي ته خدا جيڪڏهن چاهي ته هن سڄي دُنيا کي هڪ پل ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي آڏو ڪابه طاقت اچي نٿي سگهي!

جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جو به ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شهرن جي صفائي ۽ 10 ارب ٻوٽا پوکڻ جو عزم آهي، وزيراعظم ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صاف ۽ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان جي تحريڪ به شروع ڪئي آهي، جنهن جي قدمن سان شهرن جي مقابلي ۾ صفائي جي قدمن جي روح کي بيدار ڪرڻ، صاف پاڻي، بيمارين کان بچڻ ۽ سهولتن جي لاءِ ادارن کي مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، ان حوالي سان موجوده حڪومت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن جنهن ۾ سڀ کان پهرين ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ٻوٽا لڳائڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ جا پروجيڪٽ شروع ڪيا آهن، جنهن سان ڪنهن حد تائين ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

اها ڳالهه قابل تحسين آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت ڪورونا واري ماحول ۾ به ماحول دوست قدم کنيا آهن خاص طور تي بلين ٽري منصوبي کي ڀرپور انداز ۾ جاري رکيو آهي ۽ معاشري تي ان جا مثبت اثر ظاهر ٿيا آهن جن جو اعتراف عالمي ادارا به ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *